ٽنڊو علي محمد

ٽنڊو علي محمد: هلندڙ وقت ۾ ٽنڊي ڄام ويجهو ريلوي لائين جي اتر پاسي جيڪو ”ٽالپور ڳوٺ“ سڏجي ٿو. اهو دراصل ٽنڊو علي محمد آهي. توڙي جو سرڪاري رڪارڊ ۾ به هينئر هن وسنديءَ جو نالو ساڳيو نه رهيو آهي. پر ڪن جهونن ٽالپرن (ميرن) جي روايتن موجب سُڌ پوي ٿي ته هيءُ علائقو علي محمد ٽالپر جي نالي پويان ئي آباد ٿيو ۽ گهڻو وقت اڳ ۾ ٽنڊي علي محمد جي نالي سان سڏجڻ ۾ ايندو هو.


لفظ ٽنڊو علي محمدھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو